تازه ترين

صدرآصف علي زرادري، وزيراعظم ۽ ٻين طرفان ارشد نديم کي مبارڪباد، حڪومت طرفان قومي ايٿليٽ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان

- Advertisement -
صدر آصف علي زرادري، وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق،  وفاقي گھرو وزير محسن نقوي، گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سميت چئني صوبن جي وڏن وزيرن پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏني آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان قومي ايٿليٽ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو. صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ارشد نديم سموري قوم جو فخر آهي، هن اولمپڪس جهڙي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. سندس چوڻ هي ته فائنل ۾ شاندار رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ ڊگھو ٿرو جيولن ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي، پاڪستان لاءِ ميڊل کٽي هن سندن ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽڻ سان گڏ اولمپڪس ۾نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جي 118 سالن جي تاريخ ۾ منفرد رڪارڊ قائم ڪرڻ تي مبارڪباد جو مستحق آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ارشد نديم اولمپڪس رڪارڊ ٺاهي پاڪستان ۽ اولمپڪس جي تاريخ ۾ امر ٿي ويو، پوري قوم کي ارشد نديم تي فخر آهي. قومي اسيمبلي  جي اسپيڪر اياز صادق پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم ڀرپور محنت ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي گولڊ ميڊل کٽيو آهي. سنڌ حڪومت پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم لاءِ 5 ڪروڙ رپيا انعام ۽ سندس نالي سان اسپورٽس اڪيڊمي ٺاهڻ جو جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هي راند ڏسڻ لاءِ ملي، اولمپڪس ۾ پاڪستان جو قومي ترانو گونجندو ۽ جهنڊو بلند ٿيندو……………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
55 %
0.3kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون