- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڻي جي کوٽ کي سنگين مسئلو قرار ڏيندي فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.
پاڻي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين مسئلو آهي، جنهن تي فوري طور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته 2022 جي تباهي ڪندڙ ٻوڏ ملڪ جي موسمياتي تبديلي جي خطرناڪ اثرن جي واضح مثال آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڻي ذخيرن جو تحفظ ۽ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي.
هن چيو ته چيو ته زرعي ترقي لاءِ ڊرپ آبپاشي، برساتي پاڻي جو تحفظ ۽ پاڻي جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ ضروري آهي.
صدر چيو ته صنعتي ۽ گهريلو سطح تي پاڻي جي اثرائتي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.
آصف علي زرداري چيو ته هر پاڪستاني کي پاڻي جي بچت جي ذميواري کڻڻ گهرجي ته جيئن موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏئي سگهجي.
پاڻي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گليشيئرز جي تحفظ، پاڻي جي وسيلن جي حفاظت، خطي ۽ ڌرتيءَ لاءِ پاڻي جي محفوظ مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ واري عزم کي ورجائيندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي لاڳو ڪرڻ پاڪستان جي پاڻي جي حفاظت لاءِ انتهائي اهم آهي.
هن چيو ته اڄ جيئن دنيا گليشيئر تحفظ جي موضوع هيٺ عالمي پاڻي ڏينهن 2025 ملهائي رهي آهي، اهو ڌرتي جي تازي پاڻي جي فراهمي کي برقرار رکڻ ۾ گليشيئرز جي اهم ڪردار ۽ ان جي ضروري وسيلن جي حفاظت ۾ پيش ايندڙ سنگين چئلينجن جي ياد ڏياري ٿو.
وزيراعظم چيو ته پاڻي زندگي جي بنيادي ضرورت آهي، دنيا جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي سال جي ڪنهن نه ڪنهن حصي دوران پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي ٿي.
سندس چوڻ هو ته اربين ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين رسائي ناهي، جڏهن ته پاڻي جي آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي، جيڪو هڪ عالمي بحران آهي، جنهن لاءِ فوري ۽ اجتماعي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن چئلينجن کان بي خبر ناهي، هڪ ملڪ جي حيثيت سان پنهنجي گليشيئرز، دريائن ۽ آبي ذخيرن تي تمام گهڻو انحصار ڪري ٿو، هو پنهنجي پاڻي جي وسيلن تي موسمياتي تبديلي ۽ آبادي جي دٻاءُ جي تيزي سان وڌندڙ اثرن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن.
شهباز شريف چيو ته 2022 جي تباهي ڪندڙ ٻوڏ جا ڊگھي عرصي تائين اثر رهيا آهن، جنهن سان آبپاشي نظام کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ لکين زندگيون ۽ روزگار متاثر ٿيا.
وزيراعظم چيو ته ساڳئي وقت خشڪي سنگين خطرو آهي، زمين جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو خشڪ يا نيم خشڪ درجي ۾ اچي ٿو ۽ آبادي جو 30 سيڪڙو سڌو سنئون خشڪي جهڙين حالتن کان متاثر ٿئي ٿو.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي، ملڪ جو سراسري گرمي پد عالمي سراسري کان وڌيڪ تيزي سان وڌڻ جو امڪان آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڀني کي گڏجي پاڻي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي گليشيئرز کي بچائڻ، پاڻي جي وسيلن جي حفاظت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماڻهن، علائقي ۽ ڌرتيءَ لاءِ پاڻي جي محفوظ مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.- Advertisement -
