صدر آصف علي زرداريءَ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪرايل عام چونڊون رد ڪري ڇڏيون

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪرايل عام چونڊون رد ڪري ڇڏيون، سندس چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ چونڊون ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جو متبادل نٿيون ٿي سگجهن، اهڙيون چونڊون ڪشميري عوام لاءِ قبولڻ جوڳيون ناهن، ڀارت ڪشميري مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪري پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي کين بي اختيار ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾وجب صدر  آصف علي زرداريءَ سان والاريل ڪمشير جي مهاجرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صدر آصف علي زرداريءَ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪرايل عام چونڊون رد ڪيون. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ چونڊون ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جو متبادل نٿيون ٿي سگجهن، اهڙيون چونڊون ڪشميري عوام لاءِ قبولڻ جوڳيون ناهن. هن چيو ته  چونڊون غيرقانوني قبضي کي مستحڪم ڪرڻ واري ڀارتي حڪمت عملي جو حصو آهن. صدر چيو ته اهڙا قدم والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي قانوني حيثيت نٿيون ڏئي سگهن، ڀارتي قدم ڪشميري عوام جي آزاديءَ واري جدوجهد کي دٻائي نه ٿا سگهن، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آباديءَ جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته ڀارت ڪشميري مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪري پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي کين بي اختيار ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياي ۽  سفارتي حمايت جاري رکندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.1 ° C
21.1 °
21.1 °
36%
3m/s
0%
جمعو
21 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون