پاڪ روس لاڳاپا صحيح رخ ۾ هلي رهيا آهن، توانائي جي شعبي ۾ سهڪار اڳتي وڌايو ويندو:اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ روس لاڳاپا صحيح رخ ۾ هلي رهيا آهن، توانائي جي شعبي ۾ سهڪار اڳتي وڌايو ويندو. اسلام آباد ۾ روسي نائب وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته  شنگهائي سهڪار تنظيم لاءِ پاڪستان روس  جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ معاملي ۾ به  پاڪستان ۽ روس جو سهڪار جاري آهي، ٻنهي ملڪ وچ ۾ لاڳاپا صحيح رخ ۾ وڌي رهيا آهن. اسحاق ڊار چيو ته روسي نائب وزيراعظم سان ملاقات ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، گڏيل دلچسپي وارن معاملن واپار ۽ معيشت تي به ڳالهيون ڪيون ويون، توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌايو ويندو. روسي نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته واپار، معيشت ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا، ان تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون ته روس پاڪستاني معيشت ۾ ڪيئن مدد ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ملاقات ۾ ڪاروبار ۽  عوامي رابطن تي ڳالهيون ڪيون ويو، روسي وزيراعظ۾ جي ايس سي او ۾ شرڪت جو امڪان آهي. ان کان اڳ روس جو نائب وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو. پرڏيهي وزارت جي اعليٰ اختيارين ۽ روس جي سفير ايئر پورٽ تي مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.1 ° C
21.1 °
21.1 °
36%
3m/s
0%
جمعو
21 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون