- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ترڪيه جي هم منصب رجب طيب اردگان سان فون تي رابطو ڪيو آهي.
ٻنهي صدرن جون ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن بابت ڳالهيون ڪيون.
صدر آصف زرداري مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
صدر زرداري، ترڪيه صدر کي عيدالفطر جي اڳواٽ مبارڪ ڏني.
صدر آصف علي زرداري، ترڪيه هم منصب رجب طيب اردگان کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.
صدر زرداري، ترڪيه صدر ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو………..- Advertisement -
