- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي جارحيت کي 6 مهينا مڪمل ٿي ويا، يهودي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 46 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 65 زخمي ٿي پيا آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڇهن مهينن دوران فلسطينين جو انگ 33 هزار 137 ٿي ويو جڏهن ته 75 هزار 815 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
عرب ميديا موجب، شهيدن ۾ 25 هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون شامل آهن.
ٻئي پاسي خان يونس ۾ اسرائيلي فوج تي حماس جي ويڙهاڪن ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ چڪريون ٿيون آهن.
القسام بريگيڊ جي دعوى ڪئي آهي ته چڪرين دوران 14 يهودي فوج مارجي ويا.
القسام بريگيڊ موجب، حماس جي ويڙهاڪن چڪرين ۾ ٽينڪ شڪن ميزائلن جو به استعمال ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ تباهه ٿي ويا آهن- Advertisement -
