- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري سان چيني سفير جيانگ زائي دونگ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، معيشيت، ثقافت ۽ علاقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا آهن.
سندس چوڻ هو ته خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي.
صدر زرداري چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي ڀاءُ چين جي مستقل حمايت تي ٿورائتو آهي، چين، پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ان موقعي تي چيني سفير صدر کي ايندڙ سالگره بابت چيني صدر طرفان دلي نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو……- Advertisement -
