- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري پاڪستان قوم سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن کي عيدالفطر جون واڌايون ڏنيون آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته الله پاڪ کان دعا آهي ته عيد جو مبارڪ ڏينهن برڪتون، خوشيون، امن ۽ سلامتي آڻي.
هن چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني جي پڄاڻي تي کين الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، عيد جو ڏينهن پيغام ڏي ٿو ته قوم جي حيثيت ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ ۽ ضرورتمندن لاءِ مدد جو هٿ وڌائڻ گهرجي.
آصف علي زرداري چيو ته هو پاڪستاني قوم طرفان غزا ۽ فلسطين جي عوام لاءِ پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته سموري پاڪستاني قوم ساڻن ٻڌيءَ جو اظهار ڪري ٿي.
صدر چيو ته هو عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪري ٿو ته غزا ۾ فوري طور امن ۽ امداد کي يقيني بڻائي.
آصف علي زرداري چيو ته خوشيءَ جي موقعي تي کين ڪشمير تي ڀارت جي والار به نه وسارڻ گهرجي، سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.- Advertisement -
