تازه ترين

وزيراعظم شهبازشريف، پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي عيد الفطر جون واڌايون

- Advertisement -
جاري ڪيل بيان ۾ شهبازشريف چيو ته عيد جي خوشين واري موقعي تي هو پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ڪري ٿو. هن چيو ته رمضان ۾ روزن ۽ عبادتن کانپوءِ عيد الله پاڪ طرفان پنهنجن ٻانهن لاءِ تحفو آهي. وزيراعظم چيو ته عيد همدردي، ڀائيچاري، سخاوت ۽ معاشري ۾امن توڙي خوشحالي لاءِ پنهنجون ويڇا وساري گڏ ٿيڻ جو نالو آهي، عيد معاشي طور ڪمزور ڀين ڀائرن جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ جو به نالو آهي. شهبازشريف چيو ته هو قوم کي اپيل ڪندو ته انهن ماڻهن جي خوشين ۾ ضرورت  شريڪ ٿين جيڪي معاشي طور ڪمزور آهن. وزيراعظم چيو ته عيد جي موقعي تي وطن لاءِ جانين جا نذرانا ڏيندڙن کي به ڀيٽا پيش ڪن ٿا  جن  ملڪ جي حفاظت لاءِ جانين قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو. شهبازشريف چيو ته هو پوري دنيا جي مسلمانن کي اپيل ڪري ٿو ته اهي قابض قوتون  جي هٿان ظلمن جو شڪار فلسطيني ۽ ڪشميري ڀيڻ ڀائرن کي به پنهنجي دعائن ۾ ياد رکن…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون