- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.
جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قوم کي پيش ايندڙ موجوده چئلينجن جو حل متحرڪ ۽ فعال جمهوري عمل ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ، ضروري سڌارا ڪرڻ ۽ اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته مصنوعي ذهانت، شفافيت کي وڌائڻ، احتساب ۽ سرڪاري انتظاميا جي استعداد ڪار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو وچن ورجائن ٿا.
سندس چوڻ هو ته حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم غير متزلزل آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جمهوري قدرن تي عمل ڪرڻ سندن قومي طرز عمل جو ثبوت آهي، منصفاڻي، برابري ۽ گڏيل عالمي معاشري جي قيام جي ڪوششن جو عزم ڪن ٿا……..- Advertisement -
