تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر عارف علوي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پاڪستان جو نه پر ٽائيگر فورس جو صدر آهي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اطلاعات کاتي سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر عارف علوي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پاڪستان جو نه پر ٽائيگر فورس جو صدر آهي، هو آخري وقت ۾ آڱر وڍرائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي .

ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عارف علوي کي اھڙو خيال ھاڻي ڇو آيو، هو سندس اهڙي عمل کي پاڪستان خلاف سازش سمجهي ٿو.

هن چيو ته عارف علوي جو ڪردار ماضي ۾ به تڪراري رهيو آهي، اڄ هن هڪ ڀيرو ٻيھر ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کي ڪيئن نقصان پهچايو وڃي، اڄ سندس ٽويٽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سڀ کان وڌيڪ نااهل شخص آهي .

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ڪرپشن ڪيس جي ڪري جيل ۾ آهي، ھو ھر اھو قدم کنندو جنھن سان کيس رليف ملي سگھي.

هن چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون ته جيئن ملڪ ۾ جمهوريت کي صحيح دڳ ملي ۽ هر سياسي پارٽي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو .

جڙانوالا واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي واقعو پاڪستان خلاف هڪ وڏي سازش آهي، پيپلزپارٽي مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، ھو اقليتن کي يقين ڏياري ٿو ته پيپلز پارٽي ساڻن گڏ آهي .

هن چيو ته شرپسند ڌريون مذهب جي آڙ وٺنديون آھن، سندن مذهب پيار، ڀائيچاري ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي .

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به قومي اداري کان پري ناهي، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا سڀني کي گڏ ۽ متحد رکڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جو واضع مطالبو آهي ته چونڊون وقت تي ڪرايون وڃن، پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ واضح اڪثريت حاصل آهي، پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب ۾ سرپرائز ڏيندي، پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ اليڪشن سوئيپ ڪندي نظر ايندي ……

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
31 %
3.2kmh
98 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون