- Advertisement -
صدر عارف علوي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ سمري تي صحيح ڪرڻ يا رد ڪرڻ کان انڪار، حڪومت اجلاس طلب نه ڪرڻ جي صورت ۾ متبادل پلان تيار ڪري ڇڏيو، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر 29 فيبروري تي اجلاس طلب نه ڪيو ته اجلاس پاڻمرادو ٿيندو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
حڪومتي ذريعن موجب، صدر طرفان قومي اسيمبليءَ جو اجلاس نه گهرائڻ جي صورت ۾ متبادل پلان تيار ڪيو ويو آهي.
نگران حڪومت ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ تياري مڪمل ڪري ورتي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر 29 فيبروري تي اجلاس طلب نه ڪيو ته اجلاس پاڻمرادو ٿيندو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
حڪومتي ذريعن موجب، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي نگران وزيراعظم پاران سمري به اماڻي سگهجي ٿي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ قانون سازي وارو شعبو ان بابت اڄ اسپيڪر کي بريفنگ به ڏيندو.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 2 تحت 29 فيبروري تي اجلاس ٿيڻ آئيني گهرج آهي، صدر 21 ڏينهن ۾ اجلاس نه گهرائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندو.
حڪومتي ذريعن موجب، آئين ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته صدر نئين قومي اسيمبلي جي اجلاس جي سمري روڪي سگهي ٿو.
پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر مخصوص سيٽن جو جواز ڄاڻائي به اجلاس نٿو روڪي سگهي، پنجاب ۽ سنڌ اسيمبليءَ جا اجلاس ٿي چڪا آهن، گورنرز اهڙو ڪوبه شرط لاڳو نه ڪيو.
حڪومتي ذريعن موجب، حڪومت آئين جي ڀڃڪڙي نٿي ڪري سگهي.- Advertisement -
