- Advertisement -
صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ سينيٽ جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.
عارف علويءَ آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق ون تحت سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو.
سينيٽ اجلاس جي صدارت چيئرمين صادق سنجراڻي ڪندو، اجلاس ۾ سينيٽ ميمبر الوداعي تقرير ڪندا.
سينيٽ اجلاس منجهند 3 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.
آئين تحت سينيٽ جي اڌ ميمبرن جي چونڊ مارچ ۾ ٿيڻي آهي، جنهن بعد ملڪ جي صدر جي چونڊ ٿيندي.- Advertisement -
