تازه ترين

صدر ۽ وزيراعظم پاران مستونگ ۾ دهشتگردن جي سڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف مستونگ ۾ دهشتگردن جي سڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي شهيد ميجر رضوان، نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختاري تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت جي نگراني ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن کي جلد ختم ڪيو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته فورسز جا جوان ملڪ جي حفاظت لاءِ لوهي ڀت جيان بيٺل آهن. سندس چوڻ هو ته هو ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جون قربانيون بي مثال آهن، دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون