تازه ترين

مستونگ ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي دهشتگردن جو حملو، ميجر سميت 3 جوان شهيد

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جـَي سڪيورٽي فورسز جـِي گاڏي تي آءِ اِي ڊي حملي ۾ ميجر محمد رضوان طاهر سميت 3 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن ۾ نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائڪ محمد يونس به شامل آهن. 31 سالن جي ميجر رضوان طاهر شهيد جو تعلق ناروال سان هو، 37 سالا شهيد نائيڪ ابن امين ضلعي صوابي ۽ 33 ورهين جو شهيد لانس نائيڪ محمد يونس ڪرڪ جو رهواسي هو. آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن ۾ 4 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد به ماريا ويا. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن 5 ۽ 6 آگسٽ جي وچ واري رات سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي آءِ اي ڊي ذريعي حملو ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، ميجر رضوان شهيد هڪ بهادر آفيسر هو جنهن دهشتگردي خلاف ڪيترن ئي آپريشنز ۾ حصو ورتو، هن هميشه فرنٽ لائين تي پنهنجي جوانن جي قيادت ڪئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون