- Advertisement -
عالمي عدالت طرفان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو، آرمي چيف هرزي حليوي ۽ بچاءَ واري وزير يـُواف گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حڪومت کي اعلى قانوني عهديدارن طرفان وارنٽ جاري ٿيڻ جا اشارا مليا آهن.
انصاف واري عالمي عدالت ۾ غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي جارحيت جي جاچ جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عالمي عدالت جو پراسيڪيوٽر، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو، اسرائيلي بچاءَ وارو وزير ۽ آرمي چيف جي گرفتاري وارنٽ هلندڙ هفتي جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جي اطلاع تي وزيراعظم نيتن ياهو خوفزده ۽ غيرمعمولي دٻاءُ جو شڪار آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو آهي ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع کي روڪڻ سرعام اسرائيل جي تباهي جو مطالبو آهي، اسرائيلي قيادت جا وارنٽ جاري ٿيڻ سان فوجين کي نقصان پهچندو.
هن الزام لڳايو ته حماس غزه جي آبادي کي انساني ڍال طور استعمال ڪري رهيو آهي……….- Advertisement -
