تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

عام چونڊن لاءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو مرحلو مڪمل

- Advertisement -
جيڪب آباد جي هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي 100 اميدوارن مان 95 اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته  ٻن عورتن سميت 5 اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا. جيڪب آباد جي قومي تڪ اين اي 190 تي عورت اميدوار ارم نوشين جو فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اعجاز جکراڻي، سردار سخي عبدالرزاق کوسو، ممتاز جکراڻي، جي يو آءِ اميدوار ڊاڪٽر اي جي انصاري سميت ٻين جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. جيڪب آباد جي صوبائي تڪ پي ايس هڪ تي هڪ اميدوار مهيش ڪمار جو فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته پي ايس هڪ تي محمد ميان سومرو، اعجاز جکراڻي، سردار سخي عبدالرزاق کوسو، اورنگزيب پنهور، لياقت لاشاري سميت 34 اميدوارن جا فارم منظور ڪيا ويا. پي ايس ٻه ٺل تي ٻن اميدوارن ڪونج خاتون ۽ صدام کوسو جا فارم رد ڪيا ويا، جڏهن ته پ پ جي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، جي يو آءِ جو شفيق کوسي، جماعت اسلامي جي عبدالحفيظ بجاراڻي، پ پ شهيد ڀٽو جي عروسه لاشاري، قومي عوامي تحريڪ جي روشن ڪنڊراڻي جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا. پي ايس 3 ڳڙهي خيرو تي هڪ اميدوار زبير احمد جو فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته پ پ جي اعجاز جکراڻي، عبدالرزاق کوسو، ممتاز جکراڻي، اورنگزيب پنهور ٻين جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا. ڪنڌڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 191 تي پي ٽي آءِ اميدوار ڊاڪٽر اقرار جکراڻي جو نامزدگي فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته 24 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. پي ايس چار ڪشمور تي 9 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا، جڏهن ته پي ايس پنج ڪنڌڪوٽ تي 18 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا، پي ايس ڇهه تنگواڻي تي 13 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ بحال ڪيا ويا. ڄامشوري جي صوبائي تڪ پي ايس 77 سيوهڻ تي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، جي ڊي اي اميدوار سيد منير حيدر شاهه، روشن علي ٻرڙي، پي ٽي آءِ جي سيد محمد علي شاهه، مير حسن پنهيار سميت 17 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ اميدوار پ پ اڳواڻ سيد آصف علي شاهه جو نامزدگي فارم رد ڪيو ويو. گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 19ميرپورماٿيلو تي آزد اميدوار صغير خان لنڊ ۽ سندس پٽ سالار لنڊ جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، جڏهن ته باري پتافي، نادر اڪمل لغاري سميت 25 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا. خيرپور جي صوبائي تڪ پي ايس 28  تي پ پ جي ساجد ٻانڀڻ، زاهد ٻانڀڻ، ايڊووڪيٽ حاڪم شر، امتياز لاشاري سميت ٻين جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا . خيرپور جي صوبائي تڪ پي ايس 31 ڪنگري تي پ پ اڳواڻ منظور وساڻ، بچل شاهه، خواجه عبدالحق فاروقي، ريحانه سهاڳ، سيد راشد شاهه راشدي سميت 25 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن  . نوشهري فيروز جي ٻن قومي تڪن اين اي 205 تي 25 اميدوارن ۽ اين اي 206 تي 23 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا، جڏهن ته ٽن اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا. اين اي 205 تي گل حسن مشوري، مير حسن مري ۽ الاهي بخش جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا. نوشهري فيروز جي قومي تڪ اين اي 206 تي 23 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن. نوشهري فيروز جي صوبائي تڪ پي ايس 32ڪنڊيارو تي هڪ اميدوارن الاهي بخش مڱريو جو فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته سيد سرفراز حسين شاهه، عثمان عالماڻي، سنڌو نواز گهانگهرو، مولانا عبدالعليم گهانگهرو، عبدالقدوس مڱريو سميت 25 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا. پي ايس 34  تي اميدوارن جي نامزدگي ڪاعذن جي ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ڪرڻ بعد 30 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا. نوشهري فيروز جي صوبائي تڪ پي ايس 35 تي ٻن اميدوارن بلال جتوئي ۽ علي گل چانڊيي جا فارم رد ڪيا ويا، جڏهن ته ضياءُ الحسن لنجار، مسرور جتوئي، شاهنواز جتوئي سميت 27 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا آهن. نوابشاهه جي صوبائي تڪ پي ايس 36 دوڙ تي آصف علي زرداري، عذرا فضل پيچوهو، سليم رضا جلباڻي، سيد فصيح احمد، عبدالقادر بروهي، غلام مصطفيٰ رند، ن ليگ جي ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ کوسي، جي يو آءِ جي مولانا عبدالرزاق شر سميت 15 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. مٽياري جي قومي تڪ اين اي 216 تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين جو نامزدگي فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته مخدوم جميل الزمان، بشير ميمڻ، نصير احمد ميمڻ مخدوم محبوب الزمان مخدوم احمد الزمان، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ سميت 31 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن . مٽياري جي صوبائي تڪ پي ايس 56  تي هڪ اميدوار سيد مزار اڪبر شاهه جو نامزدگي فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته مخدوم جميل الزمان، بشير ميمڻ سميت 16 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا . مٽياري جي ٻئي صوبائي تڪ پي ايس 57 مٽياري ٽو تي مخدوم فضل حسين، اويس پنڌياڻي سميت ٽن اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا، جڏهن ته مخدوم رفيق الزمان، مخدوم فخر الزمان، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ سميت 23 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا . دادو جي قومي تڪ اين اي 228دادو جوهي تي پ پ جي رفيق جمالي، جي ڊيا اي جي ڪريم علي جتوئي، پي ٽي آءِ جي مير شجاءُ الله پنهور، ايم ڪيو ايم جي عبدالمجيد چوهاڻ سميت ٽي ايل پي، ن ليگ اميد ۽ آزاد اميدوارن جا 18 نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن . دادو جي ٻئي قومي تڪ اين اي 227 ميهڙ ڪي اين شاهه تي پ پ جي عرفان لغاري، عمران لغاري، جي ڊي اي جي لياقت علي جتوئي، ايم ڪيو ايم جي ذوالفقار کوکر سميت 20 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا. پي ايس 83 جوهي تي 26 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا، جڏهن ته ٽن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. پي ايس 82  دادو تي آزاد اميد اميدوار واحد بخش ٻٻر جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا، جڏهن ته پ پ جي پير مجيب الحق، پير مظهر الحق، جي ڊي اي جي عاشق زئونر، پي ٽي آءِ جي ظهير چانڊي سميت ن ليگ، ٽي ايل پي ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا. بدين جي صوبائي تڪ پي ايس 70 ٽنڊو باگو تي جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسنين مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، جڏهن ته مير وقار ٽالپر، ارباب انور علي، مير منظور احمد ٽالپر سميت 23 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا. ٿرپارڪر جي قومي تڪ 214 ڇاڇرو تي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. ميرپورخاص جي قومي تڪ اين اي212 تي پي ٽي آئي اڳواڻ سيد ممتاز علي شاھ جو فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته 11اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا آهن. ٽرننگ آفيس ڊگهڙي اين اي 212 تي اسڪروٽني جو عمل مڪمل ڪرڻ بعد اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي پ پ جي مير منور علي ٽالپر، سيد علي نواز شاھ، ميرالهداد ٽالپر، ن ليگ جي مسعود وساڻ، ٽي ايل پي جي پير عمرجان سرهندي، جي يو آئي اڳواڻ حاجي غلام قادر نوحاڻي جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا. سانگهڙ جي قومي تڪ اين اي 209 تي جي ڊي اي اميدوار محمد خان جوڻيجو جو نامزدگي فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته صوبائي تڪ تڪ پي ايس 43  ٽنڊو آدم تي پ پ جي ملڪ امام الدين شوقين، فراز ڏيرو، پارس ڏيرو، غلاءُ الدين جوڻيجو، شڪيل احمد مري، جاويد علي شورو سميت 18 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. سجاول جي قومي تڪ اين اي 224 تي پي ٽي آئي اڳواڻ عبدالرحمان ملاح ۽ آزاد اميدوار ارباب محمد دين ميمڻ جا فارم رد ڪيا ويا آهن . پي ايس 73 تي 23 ۽  پي ايس 74 تي 21 نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. ٽنڊي الهيار جي هڪ قومي تڪ اين اي 217 ۽ ٻن صوبائي تڪن پي ايس 58  ۽ پي ايس 59  تي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد آراوز پاران لسٽون جاري ڪيون ويون آهن. ٽنڊي الهيار جي صوبائي تڪ پي ايس 58  تي جي ڊي اي اميدوار راحيلا مگسي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد ضياءُ عباس شاهه سميت ٻين اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ بحال ڪيا ويا آهن. پي ايس 59 چمبڙ تي هڪ اميدوار لال بخش مري جو نامزد فارم رد ڪيو ويو، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار راحيلا مگسي، پ پ اڳواڻ امداد پتافي، دريا خان مري، ذوالقرنين کوکر، پي ٽي آءِ جي اسلم لغاري سميت 18 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا . آر او چمبڙ جو چوڻ هو ته اميدوار لال بخش مري جو نامزدگي فارم ڪاغذ اڻپورا هجڻ ڪري رد ڪيو ويو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون