تازه ترين

عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته  ملڪ ۾ عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، غيريقيني واري صورتحال آهي، جنهن ۾ سياستدانن سان گڏ عدليه جو به حصو آهي، سسٽم ڊي ريل ٿيڻ ۽ حڪومت کي بچائڻ لاءِ هر طرح جي مزاحمت ڪئي ويندي، ٽيڪنو ڪريٽ سسٽم آيو ته جمهوري ادارن جي تڏا ويڙهه ٿي ويندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي، جنهن ۾ سياستدانن سان گڏ عدليه جو به حصو آهي. هن چيو ته عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي پر هو اهڙي ڪنهن به صورتحال جو ڀرپور دفاع ڪندا. خواجا آصف چيو ته چونڊ نتيجي ۾ کين جيڪو اسپيس مليو آهي، ان جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ وٽن جيڪا دوا موجود آهي، ان کي به استعمال ڪيو ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آئيني ميلٽ ڊائون جو خطرو آهي، فچ پنهنجي رپورٽ ۾ 18 مهيننن اندر حڪومت جي خاتمي بابت جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان ۾ وزن آهي، ماڻهو ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. خواجه آصف چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جو اعلان وقت کان اڳ ڪيو ويو، ان حوالي سان اتحادين سان مشاورت نه ڪئي وئي، پر فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
1.7kmh
18 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون