- Advertisement -
سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ هڪ ڏهائي 46 سيڪڙو گهٽجي ويو.
ڊجيٽل آدمشماري 2023 جي انگن اکرن ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ 60 ڏهائي 14 سيڪڙو ظاهر ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 22 ڏهائي 23 سيڪڙو، بلوچي ڳالهائيندڙ 2 ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 15 ڏهائي 38 سيڪڙو آهن، سنڌ جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار آهي
2017 جي آدمشماري موجب سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ 61 ڏهائي 60 سيڪڙو هو، 7 سالن دوران سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ هڪ ڏهائي 46 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي.
ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي ڪل آبادي مان 52 ڏهائي 10 سيڪڙو مرد ۽ 47 ڏهائي 90 سيڪڙو عورتون آهن.
ڊجيٽل آدمشماري جي انگ اکرن موجب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جا 49 ڏهائي 32 سيڪڙو ڪٽنب گئس تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ جا 44 ڏهائي 80 سيڪڙو ڪٽنب اڄ به ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪري رهيا آهن.
ڊجيٽل آدمشماري 2023 جي رپورٽ موجب سنڌ جا 4 ڏهائي ٻڙي 7 سيڪڙو ڪٽنب جانورن جي ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا.- Advertisement -
