- Advertisement -
شڪارپور واسي نوجوان جو غوثپور ڀرسان بي ايس فيڊر مان لاش هٿ آيو جنهن بعد مڙهه گهر پهچايو ويو.
2 هفتا اڳ شڪارپور واسي مستري عبدالرافع سميجو ۽ جاويد شيخ کي دوکي سان گهرائي غوثپور مان اغوا ڪيو ويو هو.
اربع ڏينهن ڌاڙيلن تشدد ڪري عبدالرافع سميجو کي قتل ڪري بعد سندس مڙهه دڙي ٿاڻي جي حد دڙي سندراڻي ويجهو بي ايس فيڊر ۾ اڇلائي ويا.
ڳوٺاڻن لاش لڙهندي ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
شڪارپور واسي عبدالرافع سميجو جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
حيدرآباد واسي جاويد شيخ اڃا تائين ڏوهارين وٽ قيد آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل عبدالرافع سميجو کي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪري وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو هو، ڀنگ نه ڏيڻ تي کيس قتل ڪري لاش بي ايس فيڊر ۾ اڇلايو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
