- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ، عدالتي نظام درست ڪرڻ لاءِ آئيني عدالت کي ضروري قرار ڏيندي چيو آهي ته عدالتي سڌارا پيپلزپارٽيءَ جو اهم مطالبو آهي، عدالتي نظام درست ڪرڻ لاءِ آئيني عدالت ضرورت آهي، ميثاق جمهوريت تحت واعدي موجب ترميم تائين هو پوئتي نه هٽندو.
اسلام آباد ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وڪيلن سدائين آمرن جو مقابلو، وڪيلن جي جدوجهد ذريعي مشرف جي آمريت کي شڪست ڏني.
هن چيو ته عدالتي سڌارا پيپلزپارٽيءَ جو اهم مطالبو آهي، عدالتي نظام درست ڪرڻ لاءِ آئيني عدالت ضرورت آهي، آئيني عدالت جو مينڊيٽ آئيني معاملن جي تشريح هوندو.
بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته ارڙهين ترميم ذريعي ججن جي مقرريءَ جو نظام واضح ڪيو ويو، کيس شهيد ڀٽو جي ڪيس ۾ انصاف لاءِ 50 سال لڳي ويا، افتخار چوڌريءَ جيڪي بنياد رکيا، ان کي ڪڏهن ثاقب نثار ته ڪڏهن گلزار اڳتي وڌايو.
پ پ چيئرمين چيو ته افتخار چوڌريءَ بعد اها روايت بڻجي وئي ته مٽي مائٽي آهي ته جج بڻجندا، ججن جي مقرريءَ جي عمل ۾ شفافيت بينظير ڀٽو جو مطالبو هو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيو ويو ته ججن جي مقرري چيف جسٽس جي مرضيءَ سان ٿيندي، ججن جو ڪم ڊيم ٺاهڻ يا ڪراچيءَکي پراڻو يا نئون بڻائڻ ناهي.
هن چيوته عدالتن ۾ ايڏا ڪيس التوا هيٺ آهن، ججن جي مقرريءَ جي نظام کي درست ڪرڻو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته نوازشريف کي سمجهايو هو ته ففٽي ايٽ ٽو بي جو استعمال غلط ٿيندو، پوءِ هو پاڻ ئي ان جو شڪار ٿيو، جڏهن سي او ڊي تي صحيح تٿي ته افتخار چوڌري مشرف جو چيف جسٽس هو، بينظير ڀٽو ان وقت چيو هو ته ملڪ ۾ آئيني عدالتون هجڻ گهرجن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميثاق جمهوريت تحت واعدي موجب ترميم تائين هو پوئتي نه هٽندو، عوام کي فوري انصاف سندن ترجيحن ۾ شامل آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته هو هر فرنٽ تي وڙهندا، هائيڪورٽ، سپريم ڪورٽ بار ۽ پارليامينٽ سميت روڊ تي وڙهڻو پيو ته هو وڙهندا پر ميثاق جمهوريت تحت ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا، وڪيل تياري ڪن هو جدوجهد ڪندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وڪيلن کي خبر آهي ته انصاف جي فراهميءَ ۾ ڪيتريون ڏکيائيون آهن، ڪنهن شخصيت بدران عوام جي حق ۾ نعرو هنيو وڃي، خبر آهي ته وڪيلن کي مختلف سياسي پارٽين طرفان استعمال ڪيو ويندو آهي.- Advertisement -
