- Advertisement -
ڄامشوري جي عدالت جوابدار لاڪ اپ مان فرار ٿيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٻن پوليس اهلڪارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ڪوٽڙي ٿاڻي جي لاڪ اپ مان ڦر ڪيس جو جوابدار فرار ٿيڻ جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو جنهن بعد ٻن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ علائقي واسين هٿان سوگهو ٿيل جوابدار شڪيل قمبراڻي ڦر ڪيس ۾ پوليس رمانڊ تي هو، جيڪو لاڪ اپ ٽوڙي فرار ٿي ويو.
ڊيوٽي تي پوليس اهلڪار خير محمد کوکر ۽ ممتاز قريشي موجود هئا، جن خلاف جوابدار فرار ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته “ڪوٽڙي ٿاڻي جي لاڪپ مان ڦر جو جوابدار فرار ٿي ويو آهي، ڊيوٽي ۾ غفلت سبب ٻن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين لاڪپ ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ايس ايڇ او ڪوٽڙي کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو وقت ڏنو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاھنواز جوکيو جي سربراهي ۾ انڪوائري ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا واقعي بابت رپورٽ پيش ڪندي.
پوليس گرفتار خير محمد کوکر ۽ ممتاز قريشي کي ڄامشوري جي ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ جي جج عبداللطيف ڏاهاڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو.
ٻڌڻي دوران گرفتار اهلڪارن جو وڪيل نور محمد آرائين پيش ٿيو ۽ وڪالت نامو جمع ڪرايو.
عدالت ٻنهي پوليس اهلڪارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو……..
- Advertisement -
