تازه ترين

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ نومبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي

- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ نومبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ٿي وئي آهي. پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت طرفان سڀاڻي اهم اجلاس طلب ڪيو ويو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي به شرڪت ڪندي. پ پ آزاد ڪشمير جي اطلاعات سيڪريٽري سردار ايوب جاويد اجلاس گهرائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم جي اميدوار بابت قطعي صلاح مشورو ڪيو ويندو، وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ پهرين نومبر تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، پيپلزپارٽي بي اعتمادي رٿ لاءِ گهربل نمبر کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن جا نمبر حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري انوار الحق به استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪندي بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون وچ ۾ بي اعتمادي رٿ تي فارمولا طئي ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائيندي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون