- Advertisement -
ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، هٿياربندن ڦر مزاحمت تي ڳوٺاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ مھاجرين ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن ڳوٺاڻي عابد آرائين کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورن گوليون ھڻي کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا.
شھرين ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي چوري ۽ ڦر وارداتون روز جو معمول بڻجي ويو آهي پر پوليس اگهور ننڊ ستل آهي.
شھرين ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ي ته ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.- Advertisement -
