عدليا ۾ مداخلت بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ ڪراچي بار سپريم ڪورٽ ۾ تجويزون جمع ڪرائي ڇڏيون

- Advertisement -
عدليا ۾ مداخلت بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ ڪراچي بار سپريم ڪورٽ ۾ تجويزون جمع ڪرائي ڇڏيون. ڪراچي بار جي تجويزن موجب، ججن کي پابند بڻايو وڃي ته مداخلت جي هر ڪوشش کان 7 ڏينهن اندر لاڳاپيل اٿارٽي کي آگاهه ڪن، لاڳاپيل اٿارٽي کي به پابند ڪيو وڃي ته رپورٽ ڪندڙ ججن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڪراچي بار جي تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته عدم تحفظ سبب ڪيترائي جج اهڙن واقعن بابت لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ئي ناهن ڪندا، مداخلت جي ڪوشش رياستي ادارن جي هجي، عدليه جي هجي يا خانگي شعبي جي هجي هر صورت ۾ آگاهه ڪيو وڃي. ڪراچي بار جو چوڻ آهي ته ججن کي ويجهي مائٽن کانسواءِ سرڪاري آفيسرن ۽ انٽيليجنس نمائندن سان ملڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن سرڪاري ڪم لاءِ حساس ادارن جي عملدارن سان ملڻ ضروري آهي ته لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو وڃي. ڪراچي بار جي تجويزن موجب، مداخلت بابت غلط بياني ڪندڙ ججن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽس مداخلت رپورٽ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪن، هائيڪورٽن جي چيف جسٽس جي صوابديدي اختيارن جو به جائزو ورتو وڃي. ڪراچي بار جي تجويز ۾ اهو به چيو ويو آهي ته بينچ ٺاهڻ ۽ ڪيس مقرر ڪرڻ جو اختيار رڳو چيف جسٽس وٽ هئڻ ٺيڪ ناهي، هائيڪورٽن ۾ بينچون جوڙڻ ۽ ڪيس مقرر ڪرڻ جو فيصلو ججن جي 3 رڪني ڪميٽي ڪري، حڪومت کي انٽيليجنس ايجنسين بابت قانونسازي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ ڇهن ججن جي خط جي آزاداڻي جاچ ڪري
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون