- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ خيرات نه پر ٽيڪس سان هلندا آهن، رڳو هڪ طبقي تي ٽيڪس نه ٿي لڳائي سگهجي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته 9 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح سان ملڪ ڪيئن ٿو هلي سگهي؟ ملڪ خيرات نه پر ٽيڪس ڏيڻ سان هلندو، خيرات سان اسڪول ۽ اسپتالون ته هلي سگهن ٿيون پر ملڪ رڳو ٽيڪس سان هلندو آهي.
هن چيو ته سمون بند ڪرڻ جي معاملي تي پرڏيهي سيڙپڪار ڪيئن ناراض ٿي سگهن ٿا، جيڪو 10 هزار موبائيل جو بل ڏئي رهيو آهي اهو ٽيڪس ريٽرن فائل ڇو نه ٿو ڪري سگهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ هلائڻ لاءِ ٽيڪس نظام مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، پگهاردار طبقي تي 50 هزار ٽيڪس لاڳو ٿيندي آهي اهو ممڪن ناهي ته رڳو هڪ طبقي تي ٽيڪس لاڳو ڪجي.
محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان جي فائدي لاءِ آهي، ايندڙ ستن کان 10 سالن ۾ آءِ ايم ايف جو مشن پاڪستان ايندو جنهن سان مستقبل جي پروگرام تي ڳالهيون ٿينديون.
هن چيو ته مهانگائي هاڻي 17 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي جيڪا ترتيبوار گهٽ ٿيندي، جڏهن ته جولاءِ کان آگسٽ تائين پاليسي ريٽ به هيٺ ايندو، کين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف وڃڻ گهرجي ۽ پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻا پوندا، ٽيڪس سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، غير ترقياتي خرچن کي گهٽائڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته پينشن جا خرچ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا سندن ايجنڊا جو حصو آهي، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن تي به ڪم ٿي رهيو آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته سياسي استحڪام معاشي استحڪام سان جڙيل آهي، پينشن سڌارن تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، سالياني خرچ جو وڏو حصو رٽائرڊ ملازمن جي پينشن تي هليو وڃي ٿو.
عطا تارڙ چيو ته پينشن سڌارن واري معاملي تي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا تجويزن تي غور ڪندي، پينشن ۾ سڌارن بابت عوام کي مڪمل طور آگاهه ڪيو ويندو..- Advertisement -
