تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

حڪومت تحريڪ انصاف جي جلسي کي ناڪام ۽ وسيلن جو زيان قرار ڏئي ڇڏيو:عطا تارڙ

- Advertisement -
حڪومت تحريڪ انصاف جي جلسي کي ناڪام ۽ وسيلن جو زيان قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته  علي امين گنڊا پور وٽ رڳو ڌمڪيون ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، ڪي پي ۾ 12 سالن دوران هڪ به منصوبو شروع نه ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڪي پي ۾ 12 سالن جي اقتدار ۾ هڪ به معياري منصوبو ناهي جوڙيو، هو پختونن جي دل سان عزت ڪندا آهن، پختونن جي روايت جي ابتڙ عورتن خلاف ڪريل ٻولي استعمال ڪئي وئي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته جلسي گاهه کي ڀرڻ لاءِ سرڪاري وسيلن ۽ مشينري جو استعمال ڪيو ويو، ڪي پي ۾ انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا وارو قانون آهي، جيڪو روٽ ڏنو وي هو اهو کليل هو، انتظاميا ڪابه رنڊڪ نه وڌي. هن چيو ته ناڪام جلسي جي ڪاوڙ مريم نواز ۽ ادارن مان ڪڍي وئي، تحريڪ انصاف هڪ فارن فنڊڊ پارٽي آهي، پي ٽي آءِ باني يهودي لابي جو حصو آهي، تحريڪ انصاف کي گارگند ۽ تشدد کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته نواز شريف ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، هاڻي به وقت آهي تحريڪ انصاف پاڻ سنڀالي ۽ صوبي جي خدمت ڪري، منافقت جي سياست پي ٽي آءِ جي عادت آهي، تحريڪ انصاف اندر ڏڦيڙ ئي ڏڦير آهي، پي ٽي آءِ جو ناڪام جلسو سڄي قوم ڏٺو. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته علي امين گنڊا پور جي ڪرپشن جا سندس وزير شاهد آهن، جلسي ۾ سرڪاري وسيلن جي استعمال جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عوام تحريڪ انصاف جي جلسي کي رد ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته پختون عورتن بابت سٺي روايت رکن ٿا، جلسي ۾ مريم نواز بابت ساک کي نقصان پهچائڻ وارا لفظ استعمال ڪيا ويا، پي ٽي آءِ جلسي ۾ عورتن بابت جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا انهن جي مذمت ڪجي ٿي. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته تحريڪ انصاف جو جلسو ڀڀڪين ۽ ادارن کي ڌمڪيون ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هو، علي امين گنڊاپور صبح شام بيان تبديل ڪندڙ شخص آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
36 %
4.3kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون