- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو آهي ته عمرڪوٽ به لاهور وانگر قديمي شهر آهي پر ترقي ڇو ناهي، عمرڪوٽ جي ڌرتي مذهبي ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي.
ذوالفقار ڀٽو جونيئر اقليتي برادري سان ڏياري ملھائڻ لاءِ عمرڪوٽ ڀرسان تاريخي مندر شِوو مَھاديو جي مندر پھتو.
ذوالفقار ڀٽو جونيئر هندو برادري جي ڏياري جي تقريب ۾ شريڪ ٿيو، جتي اقليتي برادري پاران سندس شاندار آجيان ڪري آتشبازي ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالھي جونيئر ذولفقار ڀٽو کي شِوو مندر اچڻ تي ڀليڪار ڪيو.
ان موقعي تي ذوالفقار ڀٽو جونيئر سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته عمرڪوٽ به لاهور وانگر قديمي شهر آهي، هِن ڌرتي اھو سيکاريو آهي ته ھندو مسلمان سڀ ڀائر ٿي رھن، هو سڀ انسان آھن ۽ وٽن مذھب جي بنياد تي ڪو به فرق ناھي.
هن چيو ته وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عمرڪوٽ به لاھور جيان ملڪ جو قديمي شھر آھي پر ترقي ۾ ڇو فرق آھي.
ٻي پاسي ذوالفقار ڀٽو جونيئر جھوني قوم پرست اڳواڻ جي ايم ڀڳت جي رھائش گاھ پھچي کائنس خيريت پڻ معلوم ڪئي.
ان موقعي پي ٽي آءِ جو اڳوڻو ايم اين اي لال مالھي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا………………………..- Advertisement -
