تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اڳوڻي اينٽي ڪرپشن چيئرمين فرحت جوڻيجو جا الزام بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن: محمد بخش مهر

- Advertisement -
عهدي تان هٽايل چيئرمين اينٽي ڪرپشن فرحت جوڻيجو اينٽي ڪرپشن ۾ هلندڙ نظام کي وائکو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هڪ خانگي شخص شهريار مهر اينٽي ڪرپشن کاتي جو سسٽم هلائي ٿو، هر مهيني ست ڪروڙ رپيا اوڳاڙي ڪئي ويندي آهي. عهدي تان هٽايل چيئرمين اينٽي ڪرپشن فرحت جوڻيجو الزام هڻندي چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي جو سسٽم شهريار مهر نالي خانگي ماڻهو هلائي پيو. سندس چوڻ هو ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ۽ شهريار مهر ڊپٽي ڊائريڪٽرن کان 15، 15 لک رپيا رشوت وٺندا آهن. عهدي تان هٽايل چيئرمين اينٽي ڪرپشن فرحت جوڻيجو چيو ته هر سرڪل آفيسر کان پنج کان ڏهه لک رپيا اوڳاڙيا ويندا آهن، اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير ۽ ڊائريڪٽر اڳيان چيو ته کيس ڪرپشن کان پري رکو، اينٽي ڪرپشن کاتي کي نيلام گهر جيان هلايو پيو وڃي. عهدي تان هٽايل چيئرمين اينٽي ڪرپشن جي الزام تي سنڌ جي اينٽي ڪرپشن واري وزير جي ترجمان رد عمل ڏيندي چيو ته عهدي تان هٽايل چيئرمين اينٽي ڪرپشن فرحت جوڻيجي جا الزام بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن، جڏهن ته سنڌ سرڪار فرحت جوڻيجي جي بدلي ڪئي ته الزامن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته فرحت الله جوڻيجو جڏهن عهدي تي هو ته تڏهن هي بيان ڇو نه ڏنو؟. سنڌ جي اينٽي ڪرپشن واري وزير جي ترجمان چيو ته سينيئر آفيسر جي اهڙي بيان تي افسوس ٿيو، ان جي جاچ ڪرائي ويندي، فرحت جوڻيجو ڪوبه خط صوبائي وزير کي لکيو آهي نه ئي آفيس کي مليو آهي. هن چيو ته سينيئر آفيسر جا اهڙي قسم جا الزام لڳائڻ مس ڪنڊڪٽ ۾ اچن ٿا، فرحمت جوڻيجو گذريل ٻن مهينن ۾ کاتي لاءِ قانون سازي ۾ نه ئي بهتري لاءِ ڪي قدم کڻي سگهيو هو. سنڌ جي اينٽي ڪرپشن واري وزير جي ترجمان چيو ته فرحت جوڻيجو کي اينٽي ڪرپشن کاتي جي بهتري لاءِ جيڪو حدف ڏنو ويو هو، ان تي به تسلي جوڳا نتيجا نه ڏئي سگهيو. سنڌ جي اينٽي ڪرپشن واري وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سينيئر آفيسر ٿي ڪري اهڙي قسم جي حرڪت ڪرڻ تي فرحت جوڻيجو جي اهليت ۽ دماغي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، سرڪاري آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي ٿيندي رهندي آهي، سندس پهريان به بدلي ٿي هئي، ڪا پهريون ڀيرو بدلي نه ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون