- Advertisement -
حڪومت مهانگائي جي پيڙهيل عوام تي هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو.
نيپرا ذريعن موجب، بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيه 28 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي، بجلي جي اگهن ۾ اضافو ٽن مهينن واري ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو.
نيپرا ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ٽن مهينن لاءِ هوندو.
ذريعن موجب، بجلي جي اگهن ۾ اضافي سان واهپيدارن تي 46 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.
نيپرا بجلي 3 رپيا 49 پيسا في يونٽ مهانگو ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو 30 مئي تي محفوظ ڪيو هو.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ اضافو گهريو هو.- Advertisement -
