تازه ترين

عوامي خدمت جو جذبو رکندڙن کي ڪنهن وسيلن جي ضرورت ناهي هوندي:ڪامران ٽسوري

- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته عوامي خدمت جو جذبو رکندڙن کي ڪنهن وسيلن جي ضرورت ناهي هوندي. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سان پوليس سروسز آف پاڪستان جي 51هين اسپيشلائزڊ ٽريننگ پروگرام ۽ 27هين انيشل ڪمانڊ ڪورس جي تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته تربيتي پروگرامن سان آفيسرن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو آهي، ملڪ ۽ قوم کي اوهان سان وڏيون اميدون لاڳاپيل هونديون آهن. سندس چوڻ هو ته نوجوان آفيسر ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ثابت ٿيندا، عوامي خدمت جو جذبو رکندڙن کي ڪنهن وسيلن جي ضرورت ناهي هوندي، گورنر هائوس ۾ جاري گورنر انيشيٽوز ان جو عملي مثال آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته سول سروس، پاڪستان جي استحڪام ۽ عوامي خدمت جو اهم ٿنڀ آهي، آفيسرن جي تربيت ۽ پيشواراڻي صلاحيت قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، تربيتي پروگرام مستقبل جي قيادت لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪندا آهن. تربيت حاصل ڪندڙ پوليس آفيسرن گورنر سنڌ جي رهنمائي ۽ قيمتي معلومات فراهم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. شرڪت ڪندڙن اميد جي گهنٽي، راشن ڊرائيو، آءِ ٽي مارڪي ۽ قوم جي باني جي تاريخي ڪمري جو دورو ڪيو. شرڪت ڪندڙن چيو ته اميد جي گهنٽي نرالي، راشن ڊرائيو شاندار ۽ آءِ ٽي مارڪي ساراهه جوڳا قدم آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
55 %
2.6kmh
3 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون