عوامي طاقت سان اقتدار ۾ اچڻ چاهيون ٿا، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو به طريقو پسند نه آهي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوامي طاقت سان اقتدار ۾ اچڻ چاهيون ٿا، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو به طريقو پسند نه آهي. گورنر هائوس لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارٽي جي 70کان وڌيڪ ٽڪيٽ هولڊرن ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هڪ سياسي پارٽي قومي ادارن کي نشانو بڻائڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو آهي، سياسي پارٽين کي دائري ۾ رهي پنهنجي سياست ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندن مطالبو آهي ته سمورن ادارن کي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14 ° C
14 °
14 °
37%
2.4m/s
5%
جمعو
23 °
ڇنڇر
23 °
آچر
22 °
سُومر
23 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون