تازه ترين

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو لڳل باهه تي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضابطو نه اچي سگهيو

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو لڳل باهه تي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضابطو نه اچي سگهيو، جڏهن ته ڏهن کان وڌيڪ فائر ٽينڊرز باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن. فائربرگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه امڪاني طور گيس لائن ۾ لڳي، باهه ٽئين درجي جي آهي، باهه وسائڻ لاءِ سڄي شهر مان فائر برگيڊ کي طلب ڪيو ويو آهي، باهه جي شدت وڌيڪ هئڻ سبب فوم جو استعمال ڪيو پيو وڃي. فائربرگيڊ اختيارين موجب، 12سئو فٽ کوٽائي دوران باهه ڀڙڪي پئي هئي، باهه وسائڻ جي حڪمت عمي تبديل ڪئي وئي آهي، هيوي مشينري ۽ ڊمپر جي مدد سان باهه ويجهو مٽي وڌي پئي وڃي. ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته باهه جي صورتحال جيڪا رات هئي هن وقت به اها ئي آهي، بورنگ ڪرائڻ بابت معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن بورنگ جو اجازت نامو موجود آهي ته ان جي تصديق ڪرائيندا. ڪمشنر ڪراچي موجب، جنهن اداري ايڏي اونهي بورنگ جي اجازت ڏني، ان جي جاچ ڪئي ويندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ واٽر ڪارپوريشن جي سي اي او احمد علي صديقي جي هدايتن تي هائڊرينٽس جو عملو هاءِ الرٽ آهي، فائر برگيڊ کي ضرورت موجود بنا رنڊڪ جي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ترجمان موجب، فائر برگيڊ کي ضرورت پوڻ تي وڌيڪ وپاڻي فراهم ڪيو ويندو،لانڍي، صفوران ۽ شير پائو هائڊرينٽس هاءِ الرٽ ۽ واٽر ٽينڪر بيٺل آهن، انچارج هائڊرينٽس سيل سردار شاهه فائربرگيڊ سان مڪمل رابطي ۾ آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي سان فون تي رابطو ڪري باهه وسائڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گورنر سنڌ جي باهه واري هنڌ موجود فائر آفيسر ۽ انجنيئر سان به ڳالهه ٻولهه ڪندي  هيليڪاپٽر فراهمي لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطي جي خاطري ڪرائي. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته عملي کي باهه وسائڻ لاءِ هر ممڪن سهولت ڏيڻ گهرجي. صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ڊي جي ريسڪيو 1122 ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ سان رابطو ڪري سموري عملي سام مسلسل رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو وڃي ته سوئي سندرن گيس جي بورنگ دوران واقعو پيش آيو، باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ريسڪيو ۽ ڪي ايم سي جوان مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهن. مخدوم محبوب الزمان چيو ته مجموعي طور 20 کان وڌيڪ ريسڪيو 1122، ڪي ايم سي ۽ پي آر ايل جون فائر برگيڊ ٽرڪوم باهه وسائڻ ۾ حصو وٺي رهيو آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
62 %
1.1kmh
27 %
سُومر
30 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون