غربت ۽ مهانگائي مان ڇوٽڪارو سندن منشور جو حصو آهي: شيري رحمان

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ شيري رحمان  چيو آهي ته غربت ۽ مهانگائي مان ڇوٽڪارو سندن منشور جو حصو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته  بينظير انڪم سپورٽ جهڙو تاريخي پروگرام آندو، سي پيڪ منصوبي جو بنياد آصف علي زرداري رکيو ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن ڪيو ويو. هن چيو ته  منشور تمام اهميت جوڳو هوندو آهي، هو سائفر جي سياست نٿا ڪن، هن وقت ملڪ کي نئين سوچ ۽ دانشمند ليڊرشپ جي ضرورت آهي، کين غربت ۽ مهانگائي خلاف وڙهڻو آهي. سندس چوڻ هو ته نوجوان نسل هن وقت ڌيان جو مستحق آهي، هاڻي ته وچولو طبقو به پريشان آهي، سڀني جي تحفظ، روزگار ۽ هائوسنگ جي ڳالهه ڪئي ويند، پ پ عوام جي ڀلائي تي يقين رکي ٿي. شيري رحمان چيو ته هن وقت سندن هاري بدحال آهي، ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارن ٿا، غربت ۽ بيروزگاري کان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ڪرڻو آهي، اهو منشور ۾ موجود آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا قدم به سندن منشور  جو حصو آهي، مزدورن ۽ هارين لاءِ وسيلا ڪارڊ ٺاهيا پيا وڃن، سڀني کي برابري جا موقعا ملندا. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن کي پڪا گهر ۽ مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن، چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ملڪ ۾ سولر پارڪس ٺاهيا ويندا، کين تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
40%
2.5m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون