غزا تي گذريل ھڪ مھيني کان جاري اسرائيل فوج جي حملن ۾ تيزي اچي وئي

- Advertisement -
اسرائيل فوج طرفان گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسڪولن ۽ اسپتالن طرف بمباري ڪئي وئي. اسرائيلي جھازن طبي سامان جي قافلي تي بھ حملو ڪيو، خان يونس ۾ اسرائيل بمباري ڪري 2 مسجدون شھيد ڪري ڇڏيون. فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 306 فلسطيني شھيد ٿي ويا، شھيدن ۾ 78 عورتون ۽ 139 ٻارڙا شامل آھن. مجموعي طور شھيد فلسطينين جو انگ وڌي 10 ھزار 500 ٿي ويو آھي، شھيدن ۾ 4ھزار 880 بارڙا ۽ 28 سئو کان وڌيڪ عورتون شامل آھن. اسرائيلي بمباري جي نتيجي م 32 ھزار کان وڌيڪ شھري زخمي ٿيا آھن، جڏھن تھ 15 لک شھري بيگھر ٿي ويا آھن. ڊبليو ايڇ او ۽ يو اي موجب، غزا ۾ ڪينسر، دل جي مرض، شوگر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ساڍا 3 لک مريض موجود آھن، جڏھن تھ 50 ھزار کان وڌيڪ ڳورھاريون عورتون بھ علاج جي سھولتن کان محروم آھن. ٻئي پاسي غزا شھر ۾ روڊن تي چڪريون جاري آھن، غزھ ۾ داخل ٿيندڙ اسرائيلي فوج کي حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊ جي طرفان سخت مزاحمت جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي. امريڪا جو چوڻ آھي تھ ھن جنگ جي خاتمي بعد غزا تي فلسطينين کي حڪومت ڪرڻ گھرجي. اسرائيل جو موقف آھي تھ ھو غزا جي سڪيورٽي کي اڻڄاڻايل مدي تائين سنڀاليندا. اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب حماس اتر غزھ جو ڪنٽرول وڃائي ڇڏيو آھي، ھزارين شھري ڏکڻ طرف منتقل ٿي چڪا آھن، جنگ بندي نھ ٿيندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
18%
3m/s
1%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون