ڏکڻ آفريڪا جي ٽرانسپورٽ واري عورت وزير کان گارڊن جي موجودگي ۾ ھٿياربند ڦورو ڦر لٽ ڪري فرار

- Advertisement -
ڏکڻ آفريڪا جي ٽرانسپورٽ واري عورت وزير کان گارڊن جي موجودگي ۾ ھٿياربند ڦورو ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا. پرڏيھي ميڊيا موجب، ڏکڻ آفريڪا جي ٽرانسپورٽ واري وزير سان ڦر لٽ جو واقعو گارڊن جي موجودگي ۾ پيش آيو جنھن جو ذڪر پارليامينٽ ۾ بھ ڪيو ويو. عورت وزير پارليامينٽ ڪميٽي کي ٻڌايو تھ ھڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو ھو، ھوءَ گارڊن سان گڏ سفر ڪري رھي ھئي تھ ٽائر پنڪچر ٿي پيو، ھوءَ گاڏي ۾ ويٺي ھئي تھ ٽن ھٿياربندن موبائل فون سميت ٻيو سامان ڦر ڪيو. پوليس موجب، ڦورن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، کين جلد قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو. ميڊيا رپورٽس موجب ڏکڻ آفريڪا ۾ ھٿيارن جي زور تي ڦر جا واقعا عام آھن ۽ ھلندڙ سال وڏي پئماني تي فائرنگ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آھن….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
18%
3m/s
1%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون