- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيلي فوج ۽ فلسطيني ويڙهاڪن ۾ ڇتي ويڙهه دوران هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ 500 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته شهيدن جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب الشفا ۽ القدس اسپتالن جا ڀروارا علائقا جنگ جو ميدان بڻجي ويا، يهودي فوج بمباري به تيز ڪري آڻيندي اسپتالن ۽ پناهگيرن جي ڪيمپن تي وحشياڻي بمباريءَ ڪئي.
اولهندي ڪناري ۾ جينن پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 18 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته وڌيڪ هزارين ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
فلسطيني صحت واري وزاسرت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي وحشياڻي ڪاررواين دوران وڌيڪ 500 فلسطيني شهرين کي شهيد ڪيو آهي جنهن ۾ 95 عورتون ۽ 88 ٻارڙا شامل آهن.
صحت واري وزارت وڌيڪ چيو ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد ٿيل فلسطيني شهرين جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي ، مجموعي طور 2 هزار 918 عورتون ۽ 4 هزار 412 ٻارڙا شهيد ٿي چڪا آهن، ان عرصي دوران اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 29 هزار فلسطيني زخمي ٿيا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت جي ترجمان موجب اسرائيلي فوج طرفان طبي عملي کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ ٻه اسپتالون بند ٿي چڪيون آهن جنهن بعد مجموعي تعداد 18 ٿي ويو آهي.
ترجمان موجب غزا جا 9 لک رهواسي دوائن. پناهگاهن يا تحفظ کانسواءِ زنده رهڻ تي مجبور آهن.- Advertisement -
