- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيل فوج جي بربريت جاري آهي، غزا تي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 24 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 57 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي فوج غزا ۾ گهرن ۽ پناهگيرن ڪيمپن کي نشانو بڻايو، بيت الاويه ۽ نصيرات ڪئمپ تي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي فوج الزيتون، جباليه ۽ شيخ رضوان جي علائقن ۾ حملا ۽ بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 ڄڻن شهادت ماڻي ۽ ڪيترائي فلسطيني ٿي پيا.
غزا ۾ شهيدن جو گڏيل انگ 41 هزار 206 ٿي ويو، جڏهن ته هيل تائين 95 هزار 337 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن……- Advertisement -
