غزه تي اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري ،49 فلسطيني شهيد ۽ 75 کان وڌيڪ زخمي

- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 49 فلسطيني شهيد ۽ 75 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج غزه پٽي جي ڪيترن ئي هنڌن تي حملا ڪيا، نصيرات ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، خان يونس جي علائقي المواسي ۾ ڪيترائي ٻار به شهيد ٿيا. رپوٽن موجب، هزارين بي گهر فلسطيني رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ خيمن ۾ رهڻ تي مجبور آهن جڏهن ته هائپو ٿرميا سبب هن وقت تائين 8 ٻار فوت ٿي چڪا آهن. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ انگ 45 هزار 854 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 9 هزار 139 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن. هوڏانهن گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج اتر غزه جي پٽي ۾ باقي حصن کان مڪمل طور تي الڳ ڪري رهي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون