تازه ترين

آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر غزا مان يرغمالين کي آزاد نه ڪرڻ تي خطرناڪ نتيجن جي ڌمڪي ٻيهر ورجائي ڇڏي

- Advertisement -
آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر غزا مان يرغمالين کي آزاد نه ڪرڻ تي خطرناڪ نتيجن جي ڌمڪي ٻيهر ورجائي ڇڏي. امريڪي ريڊيو ٽاڪ شو ۾ پنهنجي بيان جو حوالو ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس اقتدار سنڀالڻ تائين يرغمالي آزاد نه ٿيا ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ٽرمپ چيو ته هو تفصيلن ۾ وڃڻ تي يقين نٿو رکي، هو اسرائيل سان گڏ آهي پر امن سان به گڏ  آهي. ٻئي پاسي ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي استعيفى تي امريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ تجويز ڏني آهي ته ڪينيڊا کي هاڻي باضابطه طور امريڪي رياست بڻجڻ گھرجي. پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ڪينيڊا جا شهري امريڪا جي 51 هين رياست بڻجڻ تي تمام گھڻا خوش ٿيندا. هن چيو ته آمريڪا هاڻي ان وڏي واپاري خساري جو شڪار نه ٿي سگهي ٿو جنهن مان ڪينيڊا گذري رهيو آهي، جسٽن ٽروڊو کي اها خبر هئي ۽ ان ڪري هن استعيفيٰ ڏني. هن چيو ته جيڪڏهن ڪينيڊا آمريڪا سان ضم ٿي وڃن ته کين خساري کي به منهن نه ڏيڻو پوندو، ۽ ڪينيڊين شهري گهٽ ٽيڪس ادا ڪندا. چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا ۾ شامل ٿيڻ سان آمريڪا ۽ ڪينيڊا روسي ۽ چيني جهازن جي خطرن کان مڪمل طور محفوظ رهندا، ۽ هڪ عظيم قوم بڻجي ويندا..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
45 %
3.5kmh
6 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
33 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون