تازه ترين

غزه تي اسرائيل جا ظلم جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 150 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه جي هٿين خالي ۽ معصوم فلسطينين تي اسرائيل جا ظلم جاري آهن، يهودي فوج جي دهشتگردي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 150 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 30 هزار 500 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 72 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن فلسطيني صحت واري وزارت موجب، امداد جي منتظر فلسطينين تي حملي ۾ وڌيڪ 11 شهري شهيد ٿي ويا جنهن کانپوءِ کاڌو تلاش ڪرڻ دوران حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 161 ٿي ويو آهي. هوڏانهن وچ غزه جي علائقي زيتون ۾ حماس جي ويڙهاڪن سان چڪرين دوران وڌيڪ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو ۽  ڪيترائي زخمي ٿيا اهن. حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته جنگ بندي لاءِ ڪابه تاريخ طئي ناهي ٿي، هو جنگ بندي، امداد جي فراهمي ۽ فسلطينين جي گهرن ڏانهن واپسي لاءِ  سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ آهي ته حماس جو وفد مصري ۽ قطري عملدارن ملاقات لاءِ قاهره ۾ موجود آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون