تازه ترين

آمريڪي نائب صدر ڪمالا هيرس غزه ۾ جنگ بندي ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي

- Advertisement -
آمريڪا جي نائب صدر ڪمالا هيرس حماس تي زور ڀريو آهي ته هو فوري جنگ بندي تي راضي ٿئي، هن اسرائيل تي غزه ۾ امداد جي پهچ تي به زور ڀريو. آمريڪا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن حماس تي زور ڀريو ته هو فوري طور تي ڇهن هفتن جي جنگ بندي تي راضي ٿئي. هن چيو ته غزه ۾ بيگناهه ماڻهو انساني تباهي جو شڪار آهن، اسرائيل کي تباهه ٿيل علائقن تائين امداد جي پهچائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. آمريڪي نائب صدر چيو ته غزه ۾ قيمتي جانين جي نقصان کانپوءِ فوري جنگ بندي ٿيڻ گهرجي، هاڻ ميز تي هڪ معاهدو آهي، حماس کي هن معاملي تي اتفاق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪملا هيرس وڌيڪ چيو ته غزه ۾ ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن، اتي حالتون غير انساني آهن، اسرائيلي حڪومت کي بنا ڪنهن بهاني امداد جي پهچ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون