غزه جي هٿين خالي فلسطينين جي نسل ڪشي، اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 84 ڄڻا شهيد

- Advertisement -
غزه جي هٿين خالي فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي، اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 84 ڄڻا شهيد  ٿي ويا جڏهن ته 114 زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج خوراڪ جي منتظر ماڻهن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن ۾ 19 فلسطيني گولين جو کاڄ بڻجي ويا. فلسطيني ميڊيا موجب، شهيدن جو مجموعي انگ 32 هزار 226 تائين پهچي ويو جڏهن ته 74 هزار 518  زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ رت جي راند روڪڻ لاءِ جنگ بندي جون ڪوششون ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو آهي. اسرائيل جنگبندي لاءِ حماس جون تجويزون رد ڪري ڇڏيون. فرانسيسي صدر جو اسرائيلي وزيراعظم سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن دوران ايمائوئل ميڪرون نيتن ياهو کان رفح تي حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. فرانسيسي صدر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هٿين خالي ماڻهن تي بمباري سنگين جنگي ڏوهه آهي. هوڏانهن امريڪي نائب صدر ڪيملا هيرس جو چوڻ آهي ته رفح ۾ فوجي آپريشن اسرائيل جي غلطي هوندي، رفح جي ماڻهن وٽ اڳتي وڃڻ لاءِ جاءِ ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.3m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
32 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون