- Advertisement -
غزه جي پٽي تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 142 فلسطيني شهيد ۽ 278 زخمي ٿي پيا آهن، 7 آڪٽوبر کان يهودي جارحيت ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 24 هزار 987 کان وڌي ويو آهي.
غزا جي شهر خان يونس ۾ اسرائيلي فوج جي حملي ۽ فائرنگ ۾ وڌيڪ 77 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته العمل اسپتال ويجهو به فائرنگ ڪئي وئي.
فلسطيني اختيارين موجب اسرائيلي فوج غزه ۾ 12 خاندانن کي قتل ڪري ڇڏيو، حملن سبب بي گهر ماڻهن ۾ وبا پڻ پکڙجي رهي آهي، 4 لک شهري وبائي مرضن جو شڪار ٿي ويا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ه طبي امداد نه ملڻ سبب 60 هزار ڳورهارين عورتن جون زندگيون خطري ۾ آهن.
گڏيل قومن موجب اسرائيلي حملن سبب غزه جي 85 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي وئي آهي ۽ اتي ڏڪار ۽ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي.
يونيسيف چيو ته غزه ۾ جنگ دوران 20 هزار ٻار پيدا ٿيا.
ٻئي طرف 8 ڏينهن جي لاڳيتي بليڪ آئوٽ کانپوءِ غزه ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
هوڏانهن اسرائيل غزه ۾ چڪرين دوران هڪ وڌيڪ فوجي جي مارجڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
اسرائيلي حڪومت جو چوڻ آهي ته جنگ ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهندي….- Advertisement -
