ملڪ جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو فارمولو صرف نواز شريف وٽ آهي : مريم اورنگزيب

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو فارمولو صرف نواز شريف وٽ آهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اسان عدالت ۾ پيش ٿيا آهيون ڇو ته اسان کي خبر آهي ته مٿن داخل ٿيل ڪيس ڪوڙا آهن، هڪ شخص عدالتن آڏو جوابده نٿو ٿيڻ چاهي. سندس چوڻ هو ته  آءِ  پي پي سان ن ليگ سياسي اتحاد ڪيو آهي، ٽڪيٽون ناهن ڏنيون. ن ليگ اڳواڻ چيو ته  نواز شريف وٽ ئي فارمولو آهي جيڪو مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏياريندو، سستي گيس، بجلي، روزگار ۽ امن جو فارمولو نواز شريف وٽ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ نون ئي ملڪ کي مسئلن مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي. ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي کيس جج نه چيو ته گڊ ٽو سي يو. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته ن ليگ دور ۾ نوجوانن کي ليپ ٽاپ مليا، بنا وياج تي قرض ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته عوام کي هميشه نواز شريف ڏکيائين مان ڪڍيو آهي، نواز شريف وٽ مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيڻ جو فارمولو آهي، نواز شريف اقتدار ۾ آيو ته نوجوانن کي روزگار ملندو ۽ بيروزگاري ختم ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
58%
1.7m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون