غزه ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري آهي، قابض يهودي فوج جو الامل اسپتال جو محاصرو اٺين ڏينهن ۾ داخل

- Advertisement -
فائيل… غزه ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري آهي، قابض يهودي فوج جو الامل اسپتال جو محاصرو اٺين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 165 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. فلسطيني صحت کاتي جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين يهودي فوج جي حملن ۾ 26 هزار 422 فلسطيني شهيد ۽ 66 هزار جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي ڇڪا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز اولهه ڪناري مان 9 فلسطينين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل لبنان ۾ حزب الله جي ٿاڪن تي حملا ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. هوڏانهن غزه مان اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ امريڪا جون ڪوششون جاري آهن. امريڪي سي آءِ اي سربراهه پيرس ۾ قطري، مصري ۽ اسرائيلي عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران حماس سان معاهدي بابت ڳالهيون ڪيون ويون. اسرائيلي وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته قيدين جي آزادي واري معاهدي تي ڳالهيون ايندڙ هفتي تائين جاري رهنديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
24%
1.2m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون