تازه ترين

اسرائيلي الزامن کانپوءِ امريڪا، برطانيه، اسٽريليا، اٽلي ۽فن ليند سميت ڪيترن ئي ملڪن گڏيل قومن جي ريليف ايجنسي “اونرا” جي لاءِ فنڊنگ معطل ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
اسرائيلي الزامن کانپوءِ امريڪا، برطانيه، اسٽريليا، اٽلي ۽فن ليند سميت ڪيترن ئي ملڪن گڏيل قومن جي ريليف ايجنسي “اونرا” جي لاءِ فنڊنگ معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته امريڪان کي اهڙن الزامن تي سخت ڳڻتي آهي ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حماس طرفان طرفان ڪيل دهشتگر حملي ۾ يو اين آر ڊبليو اي جا 12 ملازمن ملوث ٿي سگھن ٿا، امريڪي پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سڪريٽري جنرل سان ڳالهائي معاملي جي جاچ لاءِ زور ڀريو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل جي پرڏيهي وزارت امريڪا، ڪينيڊا، برطانيا، آسٽريليا، اٽلي ۽ فن لينڊ طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي فنڊنگ روڪڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. اسرائيلي الزامن کانپوءِ يو اين آر ڊبليو اي پنهنجي ڪيترن ئي ملازمن جا معاهدا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي اختيارين کي حملن ۾ ان جي ڪيترن ئي ملازمن جي ملوث هجڻ بابت معلومات فراهم ڪئي آهي. هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڊونر ملڪن تي زور ڏيندي چيو آهي ته غزه ۾ جاري امدادي ڪاررواين لاءِ فنڊن جو سلسلو جاري رکن. سندس چوڻ آهي ته يو اين آر ڊبليو اي جي اهلڪارن تي لڳايل الزامن جي غير جانبدار جاچ ڪرائي ويندي، جيڪڏهن الزامن ۾ سچائي آهي ته ملوث اهلڪارن جو مڪمل احتساب ڪيو ويندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
47 %
4.4kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
34 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون