غزه ۾ اسرائيلي فوج جو ڏاڍ ۽ بربريت جاري ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ سئو فلسطيني شهيد ۽ 350 کان وڌيڪ زخمي

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي فوج جو ڏاڍ ۽ بربريت جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ سئو فلسطيني شهيد ۽ 350 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه جنگ ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 36 هزار 439 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 82 هزار 627 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته حماس جي مجاهدن جو رفح ۾ اسرائيلي فوجي قافلي تي حملو ڪيو آهي، ڪيتريون ئي اسرائيلي گاڏيون ۽ بلڊوزر تباهه ٿي ويا آهن. عرب ميديا موجب، حملي ۾ فوجين جي مارجڻ جا به اطلاع آهن، اسرائيلي قافلي فوجي کي ياسين 105 راڪيٽن سان نشانو بڻايو ويو. ٻئي پاسي مالديپ جي صدر محمد معيزو ملڪ ۾ اسرائيلي شهرين جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. مالديپ جي صدر محمد معيزو جو چوڻ آهي ته اسرائيلي پاسپورٽ رکندڙ مالديپ ۾داخل نه ٿي سگهندا. سندس چوڻ هو ته غزه ۾ فلسطينين تي ڏاڍ ۽ بربيت سبب اسرائيلي شهرين تي پابندي لڳائي وئي آهي. مالديپ جي صدر غزه ۾ فلسطينين جي ضرورتن جوجائزو وٺڻ لاءِ خاص نمائندو مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
25%
4.1m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون