ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز پاپوا نيو گني کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز پاپوا نيو گني کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پراويڊنس ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، پاپوا نيوگني مقرر 20 اوورن ۾ 136 رنسون ٺاهيون. سيس بائو 50 ۽ ڪپلنگ ڊوريگا 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جڏهن ته ڪپتان اسد والا 21، چارلس اميني 12 ۽ چاڊ سوپر 10 رنسون اسڪور ڪيون. اينڊري رسل ۽ الزاري جوزف 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون، عقيل حسين، روماريو شيفرڊ ۽ گرديڪيش موتي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ويسٽ انڊيز مقرر هدف 6 بالن اڳ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو،  هڪ موقعي تي ويسٽ انڊيز 97 رنسن تي 5 وڪيٽون وڃائي چڪو هو، ، رسٽن چيس ۽ آندرا رسل ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. رسٽن چيس 42 ۽ برانڊن ڪنگ 34 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته نڪولس پران 27، ريان پاول 15 ۽ آندري رسل 15 رنسن تي پويلين موٽي ويا. اسد والا 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته چاڊ سوپر، ايلي ناو ۽ جان ڪيريڪو هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
25%
4.1m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون