غزه ۾ حملا بند ٿيندي ئي اسرائيل والاريل اولهه ڪناري ۾ فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

spot_img
غزه ۾ حملا بند ٿيندي ئي اسرائيل والاريل اولهه ڪناري ۾ فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جنين شهر ۾ فائرنگ سبب 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب، غزه جنگ بندي معاهدي کانپوءِ اسرائيلي فوج والاريل اولهه ڪناري ۾ فوجي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 9 فلسطيني شهيد ۽ 40 زخمي ٿيا. اسرائيلي آبادڪارن به اولهه ڪناري ۾ فلسطينين جي ملڪيتن تي به حملا ڪيا. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هو جنين کي عسڪريت پسندن جو ٺڪاڻو بڻجڻ نه ڏيندا. ٻئي واسي حماس اڳواڻ زبير جبارين جو چوڻ آهي ته هو غزه وانگر والاريل اولهه ڪناري ۾ به نيتن ياهو کي شڪست ڏيندا. ٻئي پاسي غزه ۾ اسرائيل حماس جنگ بندي جي ٽئين ڏينهن به بي گهر فلسطينين تباهه حال علائقن طرف واپسي ڪئي، امدادي سامان ۽ ٻارڻ جون ٽرڪن جي اچڻ جو به سلسلو جاري آهي. ميڊيا رپورٽ موجب، اسرائيلي بمباري سبب تباهه ٿي عمارتن جي ملبي مان وڌيڪ 72 لاش مليا آهن………..

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون